سوامي گوالانند مهراج

سوامي گوالانند مهراج: هي مشهور سنت ٽيئون رام مهراج جو ننڍو ڀاءُ هو. هو 1879ع ڌاري ڳوٺ کنڊو ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. هي آسومل جو طالب هو. پنهنجي ڀاءُ ٽيئون رام وانگر روحاني تعليم حاصل ڪيائين. سمورو وقت پنهنجي ڀاءُ ٽيئون رام جي سنگ ۾ گذاريندو هو. ساڻس گڏ هي به سنڌ جي واهڻن وستين ۾ ويدانيت ۽ آتم گيان جي پرچار ڪندو هو. سوامي گوالانند مائٽن جي چوڻ باوجود شادي نه ڪئي. هن هندستاني راڳ ۽ راڳڻين جي آڌار سنڌيءَ ۾ سٺا سلوڪ لکيا. گوالانند جي شاعريءَ جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته هن وٽ ويدانت جي وائي گهڻي آهي ۽ هو سچ ۽ انسانيت جي تبليغ ڪندي نظر اچي ٿو.
سندس ڪلام نموني طور هتي پيش ڪجي ٿو:
اک پٽ اکيڙ جاڳي جپ هرنام،
بنا ڀڄن ڀڳوان جي ڄاڻ جوٺو ڪام،
ڌن ڌرتي ڪٽنب سڀ ڄاڻج، جوٺو دام.


هن صفحي کي شيئر ڪريو